ذلف علي فقير

ذلف علي فقير

ذلف علي فقير

ذلف علي فقير: صوفي شاعر ذلف علي فقير جو پورو نالو ذوالفقار علي ’ذونو‘ ولد حاجي رحمت الله مگسي آهي. هن 6 جولاءِ 1970ع تي ڳوٺ دوست علي مگسي تعلقي قنبر ۾ جنم ورتو. هو ذلف علي فقير جي نالي سان مقبول ٿيو. ننڍپڻ کان ئي سندس لاڙو تصوف ڏانهن رهيو. فقط ابتدائي تعليم پڙهيو. عشق الاهيءَ جي سُتي کيس والد کان ورثي ۾ ملي. شاهه لطيف سان خاص محبت اٿس. سندس شاعريءَ ۾ هيڪڙائيءَ جو بيان آهي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ قرآن شريف جون ڪي آيتون به سمويون آهن.
سندس شاعريءَ جا ٽي ڪتاب (1) ’ٽيهه اکريون‘، (2) ’سارين پيا سبحان کي‘ ۽ (3) ’اندر منجهه الله‘ شايع ٿيل آهن.


لفظ ذلف علي فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.07.06  عيسوي

صوفي شاعر ذلف علي فقير جو پورو نالو ذوالفقار علي ’ذونو‘ ولد حاجي رحمت الله مگسي آهي. هن 6 جولاءِ 1970ع تي ڳوٺ دوست علي مگسي تعلقي قنبر ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احمد رضا
احمد فقيرمستان
پرويز سجاد حيدر
راج راڄپر
مير عبدالله ٺٽوي سبزواري
ارشاد سومرو
سڀائي مائي
انجو ماکيجا
عبدالغفور شاهه تقوي سيد
الطاف حسين حالي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون